سڪ جـو سمونـڊ

سڪ جـو سمونـڊ

سڪ جو سمونڊ

سڪ جـو سمونـڊ (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري شاعر علي محمد ’مجروح‘ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نامور شاعر شيخ عبدالحليم جوش ’رنگ خوشبو ۽ روشنيءَ جو شاعر‘ جي عنوان سان لکيو آهي، جڏهن ته نامياري عالم ڊاڪٽر نواز علي شوق ’محبتي مجروح‘ سري سان مٿس رايو ڏنو آهي ۽ آخر ۾ خود شاعر ’عرض حال‘ ۾ پاڻ بابت معلومات ڏني آهي. انهن ٽنهي لکڻين مان علي محمد ’مجروح‘ جي زندگي ۽ ادبي ڪاوشن جو قدري اندازو ٿي وڃي ٿو.
هن ڪتاب جو ناشر سنڌي ادبي بورڊ جو تڏهوڪو سيڪريٽري امداد حسيني آهي. هن مجموعي ۾ حمد، نعت، غزل، نظم، ڪافيون، گيت ۽ قطعا شامل آهن.
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو